ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ خوشخبري اچي وئي

ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ خوشخبري اچي وئي.

ذريعن موجب حارث رئوف کي پاڪستاني ٽيم ۾ سليڪشن لاءِ فٽ قرار ڏنو ويو آهي ۽ هو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو هوندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف بالنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

حارث رئوف نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بالنگ ڪئي. ميڊيڪل پينل به سندس بالنگ جو جائزو ورتو.

ياد رهي ته حارث رئوف ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف سپر فور اسٽيج جي ميچ ۾ رٻ جي انٽري جو شڪار ٿي ويو هو.

Read Previous

برسات سبب پاڪستان وومين ٽيم ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

Read Next

سنڌ جي 28 ڌاڙيلن جي لسٽ تيار: جلد انجام تائين پهچائڻ لاءِ آپريشن تيز: اپيڪس ڪميٽي ۾ اهم فيصلا

Most Popular