ڪوٽڙي ۾ مهانگائي خلاف شهرين جو ڳچيءَ ۾ سُڪل مانيون ٻڌي احتجاج

ڪوٽڙي ۾ مهانگائيءَ خلاف شهرين ڳچيءَ ۾ سُڪل مانيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو آهي

انوکو احتجاج ڪندڙ شهرين دانهيو ته بيروزگاري ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي

شهرين دانهيو ته ڪوٽڙي ۾ سوين فيڪٽريون آهن پر مقامي ماڻهن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو آهي

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي ڪوٽڙي جي فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

Read Previous

ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان: حسن جي واپسي: شاداب نائب ڪپتان مقرر

Read Next

ڪوهستان جي سرڪاري زمينن ۾ ڦيرڦار جي جاچ شروع، نيب جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

Most Popular