ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان: حسن جي واپسي: شاداب نائب ڪپتان مقرر

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق پريس ڪانفرنس دوران 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو

انضمام الحق قومي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتاني ڪندو، جڏهن ته شاداب نائب ڪپتان هوندو

فاسٽ بالر نسيم شاهه انجري جي ڪري قومي اسڪواڊ جو حصو نه هوندو، جڏهن ته اُن جي جاءِ تي حسن علي کي اسڪواڊ م شامل ڪيو ويو آهي

ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن ۾ بابر اعظم(ڪپتان) شاداب خان(نائب ڪپتان) عبدالله شفيق، فخر زمان، امام الحق، حارث رئوف، افتخار احمد، شاهين آفريدي، محمد رضوان، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، حسن علي، سعود شڪيل، سلمان آغا، اسامه مير شامل آهن

چيف سليڪٽر انضمام الحق ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ٽن رانديگرن کي ريزرو ۾ رکيو ويو آهي، اُنهن ۾ محمد حارث، ابرار احمد ۽ زمان خان شامل آهن

چيف سليڪٽر موجب حسن کي تجربي جي بنياد تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، وڏي ايونٽ م تجربيڪار بالر جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته نسيم شاهه جو ٽيم ۾ نه هُجڻ اسان لاءِ نقصانڪار آهي، پر پراميد آهيون ته جلد ٽيم ۾ واپس اچي ويندو

Read Previous

سنڌ ۾ وڌيڪ 3 عورتون قتل، قاتل مڙس نڪتا

Read Next

ڪوٽڙي ۾ مهانگائي خلاف شهرين جو ڳچيءَ ۾ سُڪل مانيون ٻڌي احتجاج

Most Popular