آڊيو ليڪس ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي طلبيءَ جو نوٽيس معطل

اسلام آباد: آڊيو ليڪس ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي طلبيءَ جو نوٽيس معطل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واريءَ کي ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل نوٽيس معطل ڪري ڇڏيا

بشريٰ بي بي مبينا آڊيو ليڪس معاملي تي ايف آءِ اي جي جاچ خلاف ڌار درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته هن عدالت ۾ مک ڪيس پهريان ئي ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ عدالت 18 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي کي قانون موجب ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مک ڪيس هاڻي 30 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي، ڪيس التوا هيٺ هئڻ باوجود ايف آءِ اي 19 سيپٽمبر تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو، جسٽس بابر ستار بشريٰ بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي

وڪيل لطيف کوسه بشريٰ بي بي طرفان پيش ٿيو، عدالت مختصر ٻڌڻي بعد ايف آءِ اي جي طلبي جو نوٽيس معطل ڪندي وفاقي جاچ اداري کان جواب طلب ڪري ورتو

Read Previous

ڪوهستان جي سرڪاري زمينن ۾ ڦيرڦار جي جاچ شروع، نيب جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

Read Next

فلم “جوان”: دپيڪا پڊڪون نينٿارا جو ڪيريئر ختم ڪري ڇڏيو؟

Most Popular