فلم “جوان”: دپيڪا پڊڪون نينٿارا جو ڪيريئر ختم ڪري ڇڏيو؟

ممبئي (شوبز نيوز) 38 سالن جي عمر ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي بلاڪ بسٽر فلم “جوان” ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري بالي ووڊ ۾ انٽري ڪندڙ سائوٿ انڊين اداڪاره نينٿارا فلم جي هدايتڪار ايٽلي ڪمار سان ناراض نظر اچي رهي آهي، نينٿارا فلم “جوان” ۾ پوليس اهلڪار جو ڪردار ادا ڪري بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي آهي

هن “جوان” ۾ پنهنجي شاندار پرفارمنس بعد بالي ووڊ ۾ به ماڻهن جي توجهه حاصل ڪئي، اها فلم هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي بالي ووڊ فلمن مان هڪ بڻجي سامهون آئي آهي ۽ نينٿارا کي سندس ڪردار لاءِ مداحن طرفان تمام گهڻي پذيرائي به ملي رهي آهي پر ان جي باوجود هوءَ خوش ناهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب نينٿارا هدايتڪار ايٽلي ڪمار کان “جوان” ۾ سندس سين کي “گهٽائڻ” ۽ فلم ۾ دپيڪا پڊڪون جي سين کي “وڌائڻ” تي سخت ناراض آهي، جنهن سبب اداڪاره پاڻ کي فلم ۾ “سائڊ لائن” محسوس ڪيو، رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته نينٿارا جو مڃڻ آهي ته ڪاميابي بعد به دپيڪا پڊڪون کي وڌيڪ پيار ۽ توجهه ملي رهي آهي

جيڪا سندس لاءِ ناقابل برداشت آهي، ڇو ته نينٿارا فلم جي مرڪزي ڪردار هئي، رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته نينٿارا هاڻي بالي ووڊ جي ڪنهن به نئين پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هاڻي سندس بالي ووڊ مداح جلد کيس ڪنهن به هندي پراجيڪٽ ۾ نه ڏسي سگهندا، واضح رهي ته “جوان” انڊين باڪس آفيس تي 500 ڪروڙ جو هدف عبور ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي ۽ ان جي اڳڀرائي جاري آهي

Read Previous

آڊيو ليڪس ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي طلبيءَ جو نوٽيس معطل

Read Next

اضافي ٽول ٽئڪس خلاف ٽرانسپورٽرن جو ملير لڳ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

Most Popular