آصف زرداري، نواز، گيلاني ۽ پرويز اشرف خلاف ريفرنسز جو رڪارڊ جمع

اسلام آباد: نيب ڪيس بحال ٿيڻ کان پوءِ اهم اڳڀرائي، نيب 80 مان 26 ريفرنسز جو رڪارڊ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، 54 ڪيسن جو رڪارڊ اڄ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته نيب پاران ڪرپشن خلاف ڪارروائي لاءِ ڳجهن ادارن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي تفصيل موجب نيب پاران 80 ريفرنسز مان 26 ريفرنسز جو رڪارڊ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، 54 نيب ڪيسن جو رڪارڊ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

احتساب عدالت ۾ 26 نيب ريفرنسز جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري رڪارڊ جمع ڪرايو ويو جج محمد بشير جي عدالت ۾ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف کي رينٽل پاور پلانٽ ريفرنس جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو، عدالت راجا پرويز اشرف کي نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو، جج محمد بشير چيو ته هن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي عدالت فرزانا راجا خلاف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪرپشن ريفرنس ۾ دليل طلب ڪري ورتا، عدالت نوٽيس جاري ڪندي دائري اختيار تي دليل طلب ڪيا، جج محمد بشير چيو ته آدم امين ريفرنس ۾ هن عدالت جو دائري اختيار نٿو ٺهي، نيب آرڊيننس موجب متاثرن جو انگ سئو کان وڌيڪ هجي ته دائري اختيار ٺهي ٿو، عدالت آدم امين خلاف آل پاڪستان پراجيڪٽ ريفرنس تي دليل طلب ڪيا ۽ ٻڌڻي 27سيپٽمبر تي مقرر ڪئي پيپلزپارٽي جي سينيٽر روبينا خالد ۽ ٻين خلاف لوڪ ورثه فنڊ ۾ گهوٻين واري ريفرنس تي عدالت روبينا خالد کي 4 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، احتساب عدالت ون ۾ 5 ريفرنسز، احتساب عدالت ٽو ۾ 8 ۽ احتساب عدالت ٿري ۾ 13 ريفرنسز جمع ڪرايا ويا، احتساب عدالت نمبر 2 ۽ 3 جي اسٽاف کي واپس ڊيوٽي تي گهرايو ويو آهي، جج نه هجڻ ڪري اسٽاف ٻين عدالتن ۾ مقرر ڪيو ويو هو

احتساب عدالت نمبر هڪ ۾ جج محمد بشير خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿي چيو ته ڪيسن جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جج محمد بشير چيو ته اڄ ته ٽرڪ ڀري نيب جي ڪيسن جو رڪارڊ اچي رهيو آهي، ذريعن مطابق رجسٽرار آفيس ڪيسن جي فهرست احتساب عدالت کي موڪلي ڇڏي ، نيب آفيسر اربين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ريفرنسز جو رڪارڊ کڻي احتساب عدالت پهچي ويا، نيب ٽيمون 3 گاڏيون ڀري 80 ڪرپشن ڪيسن جو رڪارڊ عدالت ۾ کڻي آيون، اڳوڻي صدر آصف زرداري، نواز شريف، يوسف رضا گيلاني، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، اسحاق ڊار، مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ، اومني گروپ جي نيب ڪيسن جو رڪارڊ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اربين رپين جي ماليت جا ڪرپشن ڪيس ٻيهر کولڻ کان پوءِ نيب جي ٽيم وڌيڪ اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. نيب چيئرمين ڪرپشن خلاف ڪارروائين لاءِ ڳجهن ادارن جي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب اهم عهدن تي مقررين لاءِ ڊيپوٽيشن تي ڳجهن ادارن جي آفيسرن کان مدد گهري ورتي آهي

ڳجهن ادارن جا آفيسر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نيب ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيندا. نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) نذير احمد جي منظوري سان ڳجهن ادارن جي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. نيب اختيارين ٻڌايو آهي ته نيب ۾ سمورين خالي ڳجهين تي فوري طور تي مقرريون ڪيون وينديون. ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي عهدن تي به مستقل آفيسرن جون مقرريون ڪيون وينديون. ذريعن مطابق نيب ۾ جاچ ڪندڙن ۽ ٽڪينيڪي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، جلد احتساب لاءِ نيون ٽيمون به جوڙيون وينديون، ذريعن مطابق ڊي جيز ۽ ڪيترائي ڊائريڪٽر تبديل ڪرڻ جو به امڪان آهي. هوڏانهن شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ڪيس موڪليو ويو، سعد رفيق ۽ سلمان رفيق خلاف پيراگون ڪيس موڪليو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ سبطين خان خلاف مائنر اينڊ منرلز ڪيس کوليو ويو، اڳوڻي ناڻي وزير حفيظ شيخ خلاف به ڪيس عدالت پهچي ويو

نيب ترميمون رد ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد شروع، نيب پاران ڪراچي جي مختلف عدالتن کي 90 ڪيسز جا دستاويزات فراهم، ايندڙ هفتي جوابدارن کي نوٽيسز جاري ڪرڻ جو امڪان، تفصيل موجب سپريم ڪورٽ جي نيب ۾ ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ سنڌ جي احتساب عدالتن ۾ ڪرپشن ريفرنس ٻيهر کلي ويا، نيب پاران سمورن اهم ڪيسن جو رڪارڊ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته جلد ريفرنس جي جوابدارن کي نوٽيسز جاري ڪيا ويندا، ڪيس جتان اسٽاپ ٿيا ھئا اتان ئي شروع ٿيندا، ريفرنسن جا دستاويز ملي ويا آهن عدالتون جلد جوابدارن ڏانهن نوٽيسز جاري ڪيا ويندا، واضح رهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي نيب عدالتن ۾ اڳوڻو چونڊيل نمائندن، بيورو ڪريٽن جا بند پيل ڪيس ٻيهر کلي ويا آهن، جنهن ۾ اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد شاھ، ڊاڪٽر عاصم حسين، اڳوڻو صوبائي شرجيل انعام ميمڻ، سيد اويس شاھم اعجاز جکراڻي، سھيل انور سيال ـ اڳوڻو صوبائي وزير ضياء لنجھار، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ريفرنسن ۾ اڳوڻو تعليم کاتي وارو سيڪريٽري اڪبر لغاري، پي ايس او جي اڳوڻي سيڪريٽري ارشد مرزا، اڳوڻي چيئرمين اسٽيل ملز معين آفتاب شيخ، اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ناصر عباس، اڳوڻو سيڪريٽري جميل احمد مينڌرو، اڳوڻو ڊي سي ملير مصطفي جمال قاضي ۽ ٻيا شامل آهن

Read Previous

پاڪستان ريلوي جو شاليمار ايڪسپريس بند ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

شاداب خان پرفارم نه ڪيو ته ڪپتان کيس ڊراپ ڪندو: ذڪا اشرف

Most Popular