شاداب خان پرفارم نه ڪيو ته ڪپتان کيس ڊراپ ڪندو: ذڪا اشرف

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري ذڪا اشرف جو چوڻ آهي ته ڪپتان بابر اعظم کي تجويز ڏني وئي هئي ته ليگ بريڪ گوگلي بالر شاداب خان فارم جي مسئلي ۾ مبتلا آهي، کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ نه رکڻ مناسب هوندو.

چوڌري ذڪا اشرف جو چوڻ آهي ته ڪپتان بابر اعظم خواهش ظاهر ڪئي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ شاداب خان کي ٽيم جو نائب ڪپتان بڻائڻ چاهي ٿو.

چوڌري ذڪا اشرف جو چوڻ آهي ته ڪپتان يقين ڏياريو آهي ته جيڪڏهن شاداب خان ورلڊ ڪپ ۾ پرفارم نه ڪيو ته کيس فائنل لائين اليون مان ڪڍيو ويندو.

Read Previous

آصف زرداري، نواز، گيلاني ۽ پرويز اشرف خلاف ريفرنسز جو رڪارڊ جمع

Read Next

پرينيتي چوپڙا ۽ راگھو چڍا شادي لاءِ اودي پور پهچي ويا، تصوري رپورٽ

Most Popular