برطانيه: روس لاءِ جاسوسي جو الزام، 5 ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

برطانيه ۾ 5 ماڻهن تي روس لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، جوابدار ايندڙ اڱاري تي ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا.

برطانوي ميڊيا موجب بلغاريا جي 5 شهرين اورلون روسو، بيزيئر ڊيزامبازوف، ڪيٽرين ايوانوا، ايوان اسٽوانوف ۽ وانيا گيبيرووا تي الزام آهي ته هن آگسٽ 2020ع کان فيبروري 2023ع جي وچ ۾ معلومات گڏ ڪرڻ جي سازش ڪئي، اهي الزام ميٽروپوليٽن پوليس جي جاچ کانپوءِ سامهون آيا.

برطانوي ميڊيا ٻڌايو آهي ته جوابدارن تي الزام آهي ته اهي روسي سيڪيورٽي سروسز لاءِ آپريشنل جاسوسي سيل ۾ ڪم ڪندا هئا.

Read Previous

سک اڳواڻ جو قتل: ڪئناڊا کي هندستان جي ملوث هجڻ جا مضبوط ثبوت ملي ويا

Read Next

ايران ۾ مزار تي حملي جي مرڪزي جوابدار تاجڪ شهري کي موت جي سزا

Most Popular