ايران ۾ مزار تي حملي جي مرڪزي جوابدار تاجڪ شهري کي موت جي سزا

ايران ۾ مزار تي حملي جي الزام ۾ هڪ تاجڪ شهري کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ٻن ٻين کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عدالت مکيه جوابدار کي هٿياربند جنگ ڀڙڪائڻ ۽ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ 2 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي. ٻين کي حملي ۾ ملوث هجڻ جي ڪري 5 سال قيد ۽ ملڪ مان جلاوطني جي سزا ٻڌائي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 13 آگسٽ تي ٿيل حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿيا هئا، جنهن بعد 9 شڪي پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو هو.

رپورٽن مطابق درگاهه شاهه چراغ جي نالي سان مشهور آهي ۽ ساڳئي هنڌ کي هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ ٻيو ڀيرو نشانو بڻايو ويو.

Read Previous

برطانيه: روس لاءِ جاسوسي جو الزام، 5 ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

Read Next

آمريڪا ڀارت خلاف الزامن تي ڪينيڊا سان ڇڪتاڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

Most Popular