آمريڪا ڀارت خلاف الزامن تي ڪينيڊا سان ڇڪتاڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

آمريڪا سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نگر جي قتل جو الزام ڀارت تي لڳائڻ جي معاملي تي ڪئناڊا سان ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جڪ سليوان واضح ڪيو ته ڀارت کي ڪيناڊا جي سنگين الزامن تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته آمريڪي خدشن باوجود ان معاملي تي آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ڇڪتاڻ ناهي.

واضح رهي ته ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ان ڳالهه جا ٺوس ثبوت آهن ته ڪينيڊا جي سرزمين تي ڪينيڊا جي قتل ۾ ڀارتي ايجنٽ ملوث آهن.

نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽن ٽروڊو چيو ته سک عليحدگي پسند اڳواڻ هرديپ سنگهه جو قتل سنگين معاملو آهي، سک اڳواڻ جي قتل واري معاملي کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ۽ اسان اهو ئي ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

ايران ۾ مزار تي حملي جي مرڪزي جوابدار تاجڪ شهري کي موت جي سزا

Read Next

نواز شريف پاڪستان ايندو ته ساڻس قانون موجب سلوڪ ٿيندو: نگران وزير

Most Popular