بجلي چوري خلاف آپريشن: 7 ارب روپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻ جي دعويٰ

ملڪ ۾ بجلي جي چورن خلاف آپريشن دوران هينئر تائين 7 ارب کان وڌيڪ جي وصولين جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ٽوئٽر تي بجلي بابت سيڪريٽري راشد لنگڙيال بجلي چوري جي خلاف آپريشن جا انگ اکر پيش ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي چورن کان 7 ارب 88 ڪروڙ 90 لک روپيه وصول ڪيا ويا آهن ۽ هينئر تائين 2301 بجلي جا چور گرفتار ڪيا ويا آهن.

توانائي بابت سيڪريٽري ٻڌايو ته بجلي چورن جي خلاف 15 هزار 47 ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن. راشد لنگڙيال چيو ته بجلي چوري جي خلاف مهم ڏنڊن ۽ وصولين جي لاءِ نه مفت خوري جي رويي ۾ تبديلي جي لاءِ آهي.

Read Previous

آمريڪي سينيٽر ۽ سندس گهر واري تي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ فرد جرم لاڳو

Read Next

رضوانه تشدد ڪيس: جوابدار سول جج عاصم حفيظ 2 مهينا گذرڻ باوجود جاچ ۾ شامل نه ٿيو

Most Popular