رضوانه تشدد ڪيس: جوابدار سول جج عاصم حفيظ 2 مهينا گذرڻ باوجود جاچ ۾ شامل نه ٿيو

رضوانه تشدد ڪيس جو جوابدار سول جج عاصم حفيظ 2 مهينا گذرڻ جي باوجود به جاچ ۾ شامل نه ٿيو آهي.

پوليس ذريعن موجب اسلام آباد پوليس طرفان عاصم حفيظ کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو پر معاملو خط ڪتابت ۽ حدن ۾ الجهي ويو ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي پر جوابدار سول جج عاصم حفيظ کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پوليس ذريعن موجب سول جج عاصم حفيظ اڃان تائين جاچ ۾ شامل نه ٿيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي سربراهه کي اتي اچي جاچ ڪرڻ جو چيو پر هو اتي نه ويا.

راولپنڊي جي سيشن جج سول جج عاصم حفيظ کان جاچ جي لاءِ جاچ آفيسر کي طلب ڪيو پر اسلام آباد اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته اسلام آباد کان ٻاهر عدالت اسان کي طلب نٿي ڪري سگهي. ياد رهي ته اسلام آباد جي همڪ ٿاڻي ۾ 24 جولاءِ تي ننڍي عمر جي گهريلو ملازمه رضوانه تي سول جج عاصم حفيظ جي رهائشگاهه تي تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پوليس اختيارين ڪيس بابت جاچ شروع ڪئي ته شروعات ۾ راولپنڊي، اسلام آباد، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ به ڇاپا هنيا ويا پر سول جج يا ان جي گهر واري تائين نه پهچي سگهيا. سول جج جي گهر واري جاچ ۾ شامل ٿي ته عدالت جي حڪم تي کيس گرفتار ڪيو ويو.

Read Previous

بجلي چوري خلاف آپريشن: 7 ارب روپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻ جي دعويٰ

Read Next

لاهور ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

Most Popular