شيخوپوره ڀرسان مسافر ٽرين ٽريڪ تي بيٺل ٻئي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، 20 ڄڻا زخمي

شيخوپوره ڀرسان قلعه ستار شاهه اسٽيشن ويجهو مسافر ٽرين ٽريڪ تي بيٺل ٻئي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

ذريعن موجب ميانوالي کان ايندڙ مسافر ٽرين ڪانٽو تبديل نه ٿيڻ تي ساڳئي ٽريڪ تي اچي وئي جنهن تي پهريان کان ٽرين بيٺل هئي. مسافر ٽرين جي ڊرائيور جي گهڻين ڪوششن جي باوجود مسافر ٽرين مال بردار بوگي سان ٽڪرائجي وئي.

ريسڪيو اهلڪارن موجب حادثي ۾ ميانوالي کان لاهور ويندڙ ٽرين ۾ سوار 20 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. حادثي جي 5 زخمي مسافرن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريلوي اختيارين موجب حادثي واري جڳهه تي ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ به قلعه ستار شاهه جي ڀرسان مال گاڏي جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون.

ان حوالي سان مسافرن جو چوڻ آهي ته ٽرين جو ڪانٽو تبديل نه ڪرڻ سبب حادثو پيش آيو. حادثي وقت ڪافي ماڻهو ننڊ ستل هئا، اوچتو حادثو پيش اچڻ تي هر طرف افراتفري مچي وئي. ريلوي اختيارين موجب حادثي واري جڳهه تي ريسڪيو جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

بجلي پيدا ڪندڙ تمام گهڻو منافعو کڻي رهيا آهن: عالمي بينڪ

Read Next

ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ وقت جهازن کي ليزر لائٽس هڻڻ جا واقعا

Most Popular