ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ وقت جهازن کي ليزر لائٽس هڻڻ جا واقعا

ڪراچي: ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ وقت جهازن کي ليزر لائٽس هڻڻ وارن واقعن کي خطرناڪ عمل قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب ماڊل ڪالوني، ڪورنگي، شاهه فيصل ڪالوني، پهلوان ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ مان جهازن کي ليزر لائٽس هڻڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا

ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر موجب پائليٽس ليزر لائٽ لڳڻ جون شڪايتون ڪيون آهن، ليزر لائٽس سان پائليٽ کي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي

گذريل هڪ هفتي کان واقعن ۾ تيزي آئي آهي، شهري جهازن کي ليزر لائٽس هڻڻ کان پاسو ڪن، اهڙو عمل مسافر جهازن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، ذريعن موجب جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ جي ويجهو هوندا آهن ته ليزر لائٽس لڳنديون آهن

Read Previous

شيخوپوره ڀرسان مسافر ٽرين ٽريڪ تي بيٺل ٻئي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، 20 ڄڻا زخمي

Read Next

مهانگائي ماريل عوام مٿان وري بجلي ڪيرائي وئي

Most Popular