هٽلر لاءِ وڙهندڙ سپاهيءَ کي خطاب جي دعوت ڏيڻ تي اسپيڪر مٿان تنقيد

ڪينيڊا جو اسپيڪر کي نازين سان وڙهندڙ هڪ شخص کي خطاب جي دعوت ڏيڻ مهانگي پئجي وئي، کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسپيڪر نازي سپاهي ياروسلاو هنڪا جو اٿي بيهي استقبال ڪرڻ جو اشارو ڏنو.

هڪ نازي سپاهي کي پارليامينٽ ۾ خطاب جي دعوت ڏيڻ تي اسپيڪر کي استعيفيٰ ڏيڻ جو به چيو پيو وڃي، پر هن ذاتي طور تي پارليامينٽ ۾ موجود ميمبرن کان معافي گهري ورتي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، مخالف ڌر جي ٻنهي پارٽين اسپيڪر اينٿوني روٽا جي معافي کي ناڪافي قرار ڏنو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسپيڪر اينٿوني روٽا خطاب ڪندي هٽلر جي آرمي آفيسر هانڪا کي ڪينيڊين ۽ يوڪريني هيرو قرار ڏنو.

Read Previous

عدالت مان ضمانت نه ملي ته نوازشريف کي گرفتار ڪنداسين: سرفراز بگٽي

Read Next

علي رضا سيد هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular