عدالت مان ضمانت نه ملي ته نوازشريف کي گرفتار ڪنداسين: سرفراز بگٽي

نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته جيڪڏهن عدالت مان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي ضمانت نه ملي ته ملڪ واپس پهچڻ تي اسان کي کيس گرفتار ڪرڻو پوندو.

نجي ٽي وي چينل سان ڳالهين دوران سرفراز بگٽي کان سوال ڪيو ويو ته نوازشريف سزا يافته ڏوهاري جي طور تي ملڪ واپس اچي رهيو آهي، اهو عدالتن کي به گهربل آهي، ڇا حڪومت کيس گرفتار ڪندي.؟ سرفراز بگٽي جواب ڏنو ته انهي ڪم جي لاءِ وڌيڪ تياري جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن ڪو به جوابدار ملڪ واپس اچي ٿو ته جهاز مان لهڻ شرط ئي کيس گرفتار ڪرڻ جي لاءِ وڏي فوج نه گهرجي. ايئرپورٽ حساس جڳهه هوندي آهي. اسان اتي ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

هن چيو ته جيڪڏهن عدالت مان نوازشريف کي ضمانت نٿي ملي ته اسان کي کيس گرفتار ڪرڻو پوندو. مون کي لڳي ٿو ته نوازشريف پاڻ به گرفتار ٿيڻ ئي چاهيندو. ماضي ۾ به نوازشريف کي خبر هئي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو پر هو پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ملڪ واپس پهتو هو.

سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته برصغير جو هڪ ئي اڳواڻ آهي جيڪو گرفتاري کان ڊڄي ٿو. باقي ته مون اڄ تائين ناهي ٻڌو ته ڪو اڳواڻ گرفتاري کان ڀڳو آهي. اوهان هاڻ ان کي تعجب جو نالو ڏيو يا ٻيو جيڪو ڪجهه به پر اهو هڪ سچ آهي. نوازشريف جي ملڪ واپسي تي نگران حڪومت جي تياري بابت ٻيهر سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته حڪومت نوازشريف جي گرفتاري لاءِ تيار آهي.

Read Previous

اسحاق ڊار خلاف ڪيس ٻيهر کلي ويو، عدالت طلب

Read Next

هٽلر لاءِ وڙهندڙ سپاهيءَ کي خطاب جي دعوت ڏيڻ تي اسپيڪر مٿان تنقيد

Most Popular