نازيه کوسو ۽ نينگري ڪوثر جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ پوليس پاران نازيه کوسو ۽ نينگري ڪوثر کوسو جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ارصلاح ڀنگوار کي بجار واھ ويجهو ٽارگيٽڊ آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو، نازيه کوسو ۽ سندس معصوم ڌيءَ کي 8 مهينا اڳ اغوا ڪيو هو

نگران سرڪار ۽ پوليس جي خاطرين باوجود اغوا ٿيل ماءُ ۽ ڌيءَ اڃا بازياب نه ٿي سگهيون، نازيه کوسو جي گهر ۾ قهرام متل

وارثن جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيڻ وقت نازيه کوسو ڳورهاري هئي، خبر ناهي ته سندس پيٽ ۾ موجود ٻار جو ڇا ٿيو، اغوا ٿيل ماءُ ۽ ڌيءَ کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Read Previous

انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي گهر ۾ ٻئي ننڍڙي مهمان جي آمد جو امڪان

Read Next

سڄي صوبي مان 50 هزار 58 جوابدار مفرور آهن: آءِ جي سنڌ جو انڪشاف

Most Popular