انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي گهر ۾ ٻئي ننڍڙي مهمان جي آمد جو امڪان

بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي گهر ۾ ٻئي ننڍڙي مهمان جي آمد جو امڪان آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب انوشڪا شرما کي تازو ئي پنهنجي مڙس ويرات ڪوهلي سان گڏ ميٽرنٽي هوم ۾ ڏٺو ويو.

ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب انوشڪا شرما اڄڪلهه ويرات ڪوهلي سان گڏ ڪنهن به تقريب يا سفر کان پاسو ڪري رهي آهي.

رپورٽ ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته انوشڪا شرما پنهنجي ٻئي حمل جو باضابطا اعلان بعد ۾ ڪندي.

واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي شادي ڊسمبر 2017ع ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ جنوري 2021 ۾ سندن ڌيءَ واميڪا جو جنم ٿيو.

Read Previous

ڪلي پال ۽ نيما پال شاهه رخ خان جو انداز اختيار ڪيو

Read Next

نازيه کوسو ۽ نينگري ڪوثر جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

Most Popular