بنگلور ۾ ڀارتي اداڪار ناگا ڀوشن عورت ماري ڇڏي، مڙس مرڻينگ

بنگلور: ڀارتي اداڪار ناگا ڀوشن ايس ايس جي ڪار جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي ۽ سندس مڙس زخمي ٿي پيو. پوليس اداڪار کي گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا موجب ڪانندا فلمن جو اداڪار ناگا ڀوشن پوليس هٿان گرفتار ٿيو آهي

ڇاڪاڻ ته هڪ رات اڳ هن جي تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ تي چڙهي وئي ۽ هڪ جوڙي کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 48 سالن جي پريما ۽ سندس مڙس 58 سالن جو مڙس ڪرشنا سخت زخمي ٿي پيو

جوڙي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي عورت جي موت جي تصديق ٿي. سندس مڙس جي به حالت نازڪ آهي. پوليس ناگا کيڱ گرفتار ڪري ورتو جتي هن بيان ۾ چيو ته لاپرواهي جي ڪري حادثو ٿيو ڪار تيز هلائي رهيو هئس

Read Previous

پيپلزپارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

ڪراچي ۾ 50 ملين کان وڌيڪ ڊالر گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف

Most Popular