ڪراچي ۾ 50 ملين کان وڌيڪ ڊالر گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف

ڪراچي ۾ ڊالرز مافيا طرفان 50 ملين کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرز گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن کان پوءِ ڳجهن ادارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڳجهن ادارن مختلف بينڪن ۽ مني چينجرز جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي ان کان علاوه آمريڪي ڊالرز سميت ٻئي پرڏيهي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪرو ۾ ملوث ماڻهن جون لستون به جوڙيون ويون آهن.

ذريعن موجب ڪراچي جي وڏين مڇين اڃان تائين 50 ملين کان وڌيڪ آمريڪي ڊالرز ۽ ٻئي پرڏيهي ڪرنسي واپس جمع نه ڪرائي آهي. مافياز جي فهرست ۾ شامل ماڻهو اولڊ سٽي ايريا جي علائقي لياري، کهارادر، ميٺادر، باٿ آئي لينڊ، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ ٻين علائقن جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

ذريعن موجب جوڙيل فهرستن ۾ شامل ماڻهن جي گهرن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن.

Read Previous

بنگلور ۾ ڀارتي اداڪار ناگا ڀوشن عورت ماري ڇڏي، مڙس مرڻينگ

Read Next

فيض آباد ڌرڻو ڪيس، ڌرين کي حقيقتون پيش ڪرڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون: سپريم ڪورٽ

Most Popular