ميڪسيڪو: حادثن ۾ 10 پرڏيهي شهري فوت، 25 زخمي

ميڪسيڪو ۾ 10 ڪيوبا مهاجر مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا جڏهن مهاجرن کي کڻي ويندڙ ٽرڪ ميڪسيڪو ۾ هڪ هاءِ وي تي ڪلٽي ٿي وئي.

مقامي اختيارين موجب ميڪسيڪو جي هاءِ وي تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مهاجر مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته عورتن جي وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي شروعاتي اطلاعن موجب انهن مهاجرن جو تعلق ڪيوبا سان هو، اهي ڪيوبا جا مهاجر ڳجهي طرح آمريڪا پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

ٻئي طرف مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ميڪسيڪو ۾ هڪ هفتي دوران ڳجهي طور آمريڪا پهچندڙ مهاجرن سان هي ٻيو حادثو آهي.

Read Previous

جاپان روس ڏانهن استعمال ٿيل گاڏين جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

ترڪ هوائي فوج جا اترين علائقن ۾ ڪردن تي حملا، 20 ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا

Most Popular