ترڪ هوائي فوج جا اترين علائقن ۾ ڪردن تي حملا، 20 ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا

انقره جي بمباري کان پوء، ترڪ ايئر فورس اتر ۾ ڪردن تي حملو ڪيو ۽ 20 ٿاڪن کي تباهه ڪيو.

ان حوالي سان ترڪي جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته دهشتگردن پاران استعمال ڪيل 20 هدفن کي تباهه ڪيو ويو آهي.

انقره ڌماڪي کانپوءِ عراق ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو ويو.

واضح رهي ته ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ پارليامينٽ جي عمارت جي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي.

حملي آور گهرو وزارت جي گيٽ وٽ گاڏي کي ٽڪر هنيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

Read Previous

ميڪسيڪو: حادثن ۾ 10 پرڏيهي شهري فوت، 25 زخمي

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، سيپٽمبر ۾ 13 ڪشميري شهيد

Most Popular