ايشين گيمز: ڪرڪيٽ مقابلن لاءِ ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل

چين ۾ جاري ايشين گيمز ڪرڪيٽ مقابلن جي ڪوارٽر فائنل لائين اپ مڪمل ٿي وئي آهي.

ايشين گيمز جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ ڀارت 3 آڪٽوبر تي نيپال سان مقابلو ڪندو.

پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ چين وچ ۾ ڪوارٽر فائنل ميچ 3 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.

4 آڪٽوبر تي سريلنڪا جو مقابلو افغانستان ۽ بنگلاديش جو مقابلو ملائيشيا سان ٿيندو.

سيمي فائنل ميچ 6 آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا، جڏهن ته گولڊ ميڊل لاءِ فائنل ميچ 7 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.

Read Previous

سريلنڪا جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي، پي سي بي

Read Next

ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پيءُ کان گهڻي مار ملي، حارث رئوف

Most Popular