سريلنڪا جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي، پي سي بي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته سريلنڪا انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته سيريز ۾ هڪ چار ڏينهن واري ۽ پنج هڪ ڏينهن واري ميچ کيڏي ويندي. سمورا 6 ميچ 15 کان 31 آڪٽوبر تائين نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا.

پي سي بي ترجمان موجب سريلنڪن انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم 12 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندي.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته سريلنڪن انڊر 19 ٽيم جو دورو 15 آڪٽوبر کان 4 ڏينهن واري ميچ سان شروع ٿيندو.

پي سي بي موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا جي انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز 22 کان 31 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، سيپٽمبر ۾ 13 ڪشميري شهيد

Read Next

ايشين گيمز: ڪرڪيٽ مقابلن لاءِ ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل

Most Popular