عمر شريف کي مداحن کان وڇڙي 2 سال گذري ويا

ليجنڊ ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف کي مداحن کان وڇڙي اڄ 2 سال گذري ويا آهن.

عمر شريف 19 اپريل 1955ع تي ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ پيدا ٿيو، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اسٽيج ڊرامن سان ڪئي ۽ عمر ظريف پرفارمر طور اسٽيج تي پرفارم ڪيو.

بعد ۾ هن پنهنجو نالو بدلائي عمر شريف رکيو ۽ پوءِ ان نالي سان سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيائين.

عمر شريف جي مشهور مزاحيه ڊرامن ۾ ’بڪرا قسطون پر هي‘ ۽ ’بڍا گھر پر هي‘ ۽ ٻيا شامل آهن.

Read Previous

منهنجو پيءُ شراب جو عادی ٿي ويو هو، عاليا ڀٽ جو انڪشاف

Read Next

نواز شريف ڊيل تحت پرڏيهه ويو ته ڊيل تحت واپس به اچي پيو: راڻا ثناءُ الله

Most Popular