منهنجو پيءُ شراب جو عادی ٿي ويو هو، عاليا ڀٽ جو انڪشاف

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس والد فلمساز مهيش ڀٽ شراب جي ان وقت عادت بڻجي ويو جڏهن هن پنهنجي زندگي ۾ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏنو.

عاليا ڀٽ هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته جڏهن به ماڻهو منهنجي پيءُ جي باري ۾ سوچيندا آهن ته اڪثر کيس هڪ ڪامياب فلمساز سمجهندا آهن پر هن زندگيءَ ۾ مشڪلاتن کي به منهن ڏنو.

هن چيو ته هڪ وقت هو جڏهن پيءُ جون فلمون فلاپ ٿي چڪيون هيون، وٽس تمام گهٽ پئسو هو ۽ هو شراب جي عادت کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

عاليا ڀٽ چيو ته ڪافي ڪوششن کانپوءِ آخرڪار سندس پيءُ شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو پر زندگي ۽ ڪم ۾ اڃا به اُٿل پٿل آهن.

Read Previous

گلوبل اوور 40 ڪرڪيٽ ڪپ: عليم ڊار جي طبيعت خراب ٿي وئي

Read Next

عمر شريف کي مداحن کان وڇڙي 2 سال گذري ويا

Most Popular