وائس ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر

وائس ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر 2023 تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي. ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب 7 آڪٽوبر 2023 تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.

ترجمان چيو آهي ته وائس ايڊمرل نويد اشرف 1999ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. هو اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو.

وائس ايڊمرل نويد اشرف هن وقت نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيف آف اسٽاف جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف کي هلال امتياز(ملٽري) جي اعزاز سان به نوازيو ويو آهي.

Read Previous

عالمي بينڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ اڻپوري قرار ڏئي ڇڏي

Read Next

نيپال ۽ ڀارت ۾ سخت زلزلو

Most Popular