نيپال ۽ ڀارت ۾ سخت زلزلو

نيپال ۾ 6.3 جي شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو آهي، جنهن جي اونهائي 10 ڪلوميٽر زير زمين هئي.

نيشنل سيسمولوجيڪل سينٽر موجب، نيپال ۾ لڳاتار ٻه زلزلا آيا جن جي شدت 6.3 ۽ 5.3 هئي.

نيشنل سيسمولوجيڪل سينٽر موجب نيپال ۾ زلزلي جا لوڏا باجانگ ضلعي ۾ محسوس ڪيا ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي سميت ڀارت جي ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب زلزلي جا لوڏا ڊيرا دون، اتر پرديش ۽ ٻين شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف ۾ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا. هينئر تائين ڪنهن به جاني نقصان جي خبر ناهي ملي.

Read Previous

وائس ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر

Read Next

آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ ترڪي پوليس جي ڪارروائي، 90 ڄڻا گرفتار

Most Popular