حميما ملڪ ٻي شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي: مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل حميما ملڪ ٻي شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

اداڪاره حميما ملڪ تازو ئي جيو نيوز جي مقبول ترين شو ”هنسانا موني هي“ ۾ مهمان طور نظر آئي.

ان دوران حميما ملڪ به ٻي شادي جي خواهش جو اظهار ڪيو.

ڏسندڙن جي دلچسپ سوالن جا جواب ڏيندي اداڪارا حميما ملڪ چيو ته هن ڀيري سندس بجلي جو بل 80 هزار آيو آهي، حميما ملڪ بجلي جي بلن ۾ واڌ کي عوام سان زيادتي قرار ڏنو.

Read Previous

ايشوريا راءِ بچن جي ريمپ تي واپسي، سڀني کي پوئتي ڇڏي وئي

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علوي جي ڪردار مان مايوس

Most Popular