پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علوي جي ڪردار مان مايوس

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين صدر عارف علوي جي ڪردار مان مايوس آهي، صدر آئين موجب پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته صدر کي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون هيون پر هن پنهنجو اختيار استعمال نه ڪيو

هن چيو ته جيل ۾ وجهڻو آهي ته ڀلي وجهو پر اسان سازش کي قبول نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ قيد دوران وزن گهٽجي ويو آهي پر سندس حوصلا بلند آهن

Read Previous

حميما ملڪ ٻي شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Read Next

ڪور ڪمانڊر هائوس ڀڃ ڊاهه ڪيس، عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

Most Popular