سنڌ جا اعتراض رد، حڪومت پاران گريٽر ٿل ڪئنال 2 منصوبو ايڪنڪ مان منظور ڪرائڻ جون تياريون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي جي منظوري جون تياريون ڪيون ويون آهن. گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري نيشنل اڪنامڪس ڪائونسل  ايڪنڪ جي ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي آهي، ايڪنڪ جو اجلاس 11 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي

نگران وفاقي حڪومت، سنڌ صوبي جي اعتراضن کي رد ڪندي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي جي منظوري وارو مامرو لاڳاپيل فورم يعني سي سي آءِ ڏانھن اماڻڻ واري فيصلي کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو، گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري نيشنل اڪنامڪس ڪائونسل ايڪنڪ جي اجلاس مان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

ياد رھي ته پي ڊي ايم جي حڪومت دوران سنڌ حڪومت جي اعتراضن کان پوءِ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منصوبي کي لاڳاپيل فورم يعني سي سي آءِ کي اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو. پنجاب حڪومت پاران گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 منصوبي تحت چوبارا برانچ ڪئنال تعمير ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آھي. جيڪو لئه، ڀڪر، خوشاب ضلعن ڏانھن گذرندو، اِن منصوبي تي ڪل لاڳت 38 ارب 37 ڪروڙ 22 لک رپيا آھي

Read Previous

اداڪارا، ميزبان ۽ ڊائريڪٽر نوشين مسعود لاڏاڻو ڪري وئي

Read Next

ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت رد ڪرڻ وارو ڀارتي حڪومت جو حڪم برقرار رکي ڇڏيو

Most Popular