اداڪارا، ميزبان ۽ ڊائريڪٽر نوشين مسعود لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا، ميزبان، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر نوشين مسعود لاڏاڻو ڪري وئي. اداڪارا جي اڳوڻي مڙس طارق قريشي موجب نوشين مسعود گذريل ڪجهه عرصي کان ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ۽ علاج هيٺ هئي

هوءَ اڄ صبح جو لاڏاڻو ڪري وئي. ان کانسواءِ اداڪار عدنان صديقي به سوشل ميڊيا تي نوشين مسعود جي لاڏاڻي جي خبر شيئر ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو

نوشين مسعود ڊرامه سيريل جال، ڪالوني 1952، گھر تو آخر اپنا هي، ڊولي ڪي آئيگي بارات سميت مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جڏهن ته انداز اپنا اپنا سميت مختلف پروگرامز جي ميزباني به ڪئي. هن جنون، شهزاد راءِ، جنيد جمشيد، عامر ذڪي، جواد احمد سميت ڪيترن ئي مشهور گلوڪارن جون ميوزڪ وڊيوز به ڊائريڪٽ ڪيون آهن

Read Previous

اڳوڻي فوجي آفيسر عادل راجا جي گرفتاري جي خبرن جي ترديد

Read Next

سنڌ جا اعتراض رد، حڪومت پاران گريٽر ٿل ڪئنال 2 منصوبو ايڪنڪ مان منظور ڪرائڻ جون تياريون

Most Popular