اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائيفر ڪيس جي ٽرائل کي 11 جنوري تائين روڪي ڇڏيو، اسٽي آرڊر جاري ڪيو ويو

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽ سائيفر ڪيس جو ٽرئال اوپن ڪرڻ لاءِ چيو هو، واڳيل عدالت جو جج ڪهڙي بنياد تي ٽن ٻڌڻين کانپوءِ ان کي اِن ڪيمرا ٽرائل ڊڪليئر ڪري سگهي ٿو، تون اچي وڃ تون اچي وڃ چوڻ سان اوپن ٽرائل نه ٿيندو آهي، اوپن ٽرائل ۾ جيڪو چاهي اچي سگهي ٿو

 اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته ميڊيا کي اجازت آهي جيڪو چاهي اچي سگهي ٿو، عدالت چيو ته ائين نه ٿيندو آهي ان باري ۾ باقاعده آرڊر هئڻ گهرجي

 عدالت سوال ڪيو ته ڇا سرڪاري گواهن کان آڏي پڇا ميڊيا جي سامهون ڪئي وئي؟ اٽارني جنرل چيو ته جن ٽن ماڻهن کان آڏي پڇا ڪئي وئي اها سائيفر جي ڪوڊ ۽ ڊي ڪوڊ بابت هئي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هڪ ٻن ماڻهن يا خاندان جي فردن جي موجودگي سان به اهو ٽرائل ڪلوزڊ رهندو، جيئن هن ڪيس جي ڪارروائي کي اڳتي وڌايو پيو وڃي ان جي باري ۾ عدالت جا خدشا موجود آهن

 هن عدالت وٽ هڪ سپروائيزري ڪردار آهي ۽ بند دروازن پٺيان ٿيندڙ ٽرائل بابت اٿندڙ سوالن جو جائزو وٺڻو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Read Previous

مريم نواز جي پنجاب جي تڪ پي پي 80 تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض

Read Next

ڪنڌڪوٽ جي هڪ قومي ۽ 3 صوبائي تڪن تي 15 فارم بحال، 3 ڄڻن خلاف اعتراض داخل

Most Popular