ٺاروشاهه ڀرسان 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ نوجوان گوليون هڻي قتل

ٺاروشاھ (رپورٽر) ٺاروشاهه ڀرسان 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

 ڳوٺ ميوو سيال ۾ 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

نامعلوم هٿياربند گهوٽ عبدالجبار سيال کي گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا

مقتول جي ڀاءُ محمد امين موجب هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي ڪمري۾ ستل ڀاءُ کي گوليون هنيون، پيڇو ڪيو ته فرار ٿي ويا، گهر ۾ جاري خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، ظلم ڪيو ويو آهي، اسان جي گهوٽ کي قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي

اطلاع ملڻ تي پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان  جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو،  جاچ ڪري رھيا آھيون، جوابدارن  کي جلد گرفتار ڪبو

Read Previous

ميرپورخاص ۾ پيءُ خلاف ڌيءَ سان زيادتي جو ڪيس داخل، گرفتار

Read Next

نواز شريف بيڪ ڊور سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

Most Popular