نواز شريف بيڪ ڊور سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تنقيد جي توپن  جو رخ ن ليگ  سربراهه نواز شريف ڏانهن ڪندي چيو آهي ته نواز شريف بيڪ ڊور سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر اسان سندس رستا روڪ ڪنداسين

 پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته  جيڪڏهن نواز شريف اقتدار ۾ اچي ويو ته هو اهڙو انتقام وٺندو جو سڀ ياد رکندا، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، اهي ٻئي جماعتون پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون

هن چيو ته ملڪ ۾ رڳو چهرا تبديل  ٿيندا رهن ٿا پر پاليسيون ساڳيون رهنديون اچن پيون، اڄ ملڪ بدترين معاشي بحران جو شڪار آهي، پهريون ڀيرو وڏي وڏي انگ ۾ آزاد اميدوار اليڪشن وڙهي رهيا آهن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪنداسين، پ پ چيئرمين دعويٰ ڪئي ته هن وٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو ٺوس منصوبو موجود آهي

Read Previous

ٺاروشاهه ڀرسان 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ نوجوان گوليون هڻي قتل

Read Next

سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف

Most Popular