آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تنقيد جي توپن جو رخ ن ليگ  سربراهه نواز شريف ڏانهن ڪندي چيو آهي ته نواز شريف بيڪ ڊور سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر اسان سندس رستا روڪ ڪنداسين

هن چيو ته  اليڪشن ۾ پ پ جو مقابلو ضياءَ الحق جي مسلم ليگ سان آهي، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين

پنجاب ۾ جلسي کي خطاب ۽ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا، جيڪڏهن نواز شريف اقتدار ۾ اچي ويو ته هو اهڙو انتقام وٺندو جو سڀ ياد رکندا

بلاول چيو ته جڏهن به شينهن جي حڪومت ايندي آهي ته اهو عوام جو رت چوسيندو آهي، ميان صاحب کي آڻي ٽي ڀيرا عوام ڀوڳي چڪو، هاڻي چوٿون ڀيرو عوام مٿان مڙهڻ جو تياريون ڪيون پيون وڃن، هن ڀيري مقابلو شهيد ڀٽو جي پارٽي ۽ ضياءُ الحق جي  پارٽي وچ ۾آهي

پ پ چيئرمين چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته جيڪو ظلم پيپلز پارٽي سان ٿيو، اهو ڪنهن ٻي جماعت سان ٿئي، حڪومت ملي ته ڪو به سياسي  قيدي نه هوندو نه ڪنهن جي ڀيڻ ۽ نه ڪنهن جي ڌيءُ جيل ۾ قيد  هوندي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، اهي ٻئي جماعتون پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون، ملڪ ۾ رڳو چهرا تبديل  ٿيندا رهن ٿا پر پاليسيون ساڳيون رهنديون اچن پيون، اڄ ملڪ بدترين معاشي بحران جو شڪار آهي

پ پ چيئرمين چيو ته پهريون ڀيرو وڏي وڏي انگ ۾ آزاد اميدوار اليڪشن وڙهي رهيا آهن، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪنداسين، پ پ چيئرمين دعويٰ ڪئي ته هن وٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو ٺوس منصوبو موجود آهي

Read Previous

چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ مودي سرڪار جو مسلمانن خلاف نئون پلان

Read Next

تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ترقيون روڪڻ جو حڪم

Most Popular