چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ مودي سرڪار جو مسلمانن خلاف نئون پلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مودي سرڪاري ڀارت کي سيڪيولر رياست ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، چونڊن کي نظر ۾ رکندي مودي سرڪار جا هندو پرست تعصباڻا قدم جاري آهن.
آمريڪي خابرو اداري ”بلوم برگ“ موجب مودي جي اچڻ کان پوءِ ڀارت سيڪيولر رياست هجڻ جو اعزاز وڃائي چڪو آهي، مودي سرڪاري ڀارت ۾ وڌندڙ قوم پرستي مان سٺو فائدو ورتو آهي.
بلوم برگ موجب مودي جي جماعت بي جي پي کي 2014ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي رام مندي جي اڏاوت جي واعدي تي ملي هئي، مودي جو هندوتوا نظريو سازش طور استعمال ٿيندو رهيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مودي حڪومت جي ايجنڊا ۾ تڪراري مندر جي اڏاوت شامل آهي، رام مندر جي اڏاوت جي واعدي تي مودي پنهنجي سياست چمڪائيندو رهيو.
رپورٽ موجب مودي ڪرپشن، معاشي بحران، بيروزگاري ۽ مهانگائي کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
ڀارتي عوام جو چوڻ آهي ته اَنا جو شڪار موجد عوام جو نٿو سوچي.
ڀارتي هارين جو چوڻ آهي ته مودي جي انتهاپسند قدمن آڏو عوام بي وس آهي.
رپورٽ موجب چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ مودي سرڪاري جو مسلمانن تي زمين تنگ ڪرڻ جو واعدو شامل آهي.

Read Previous

پولنگ ڪمري ۾ ڪو به سيڪيورٽي اهلڪار داخل نه ٿيندو، ضرورت پوڻ تي رينجرز ويندي: گهرو وزير

Read Next

آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا: بلاول ڀٽو

Most Popular