تذليل معاملو: عورت بيان تان ڦري وئي، مڙس وار ڪوڙي تذليل ڪئي ۽ ڏنڀ ڏنا: ريحانا

فيض گنج لڳ عورت جي تذليل، تشدد ۽ مٿي جا وارا ڪوڙڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، عورت بيان تان ڦري وئي، سندس چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل جوابدارن نه پر مڙس مٿي جا وار ڪوڙي تذليل ڪئي ۽ ڏنڀ ڏنا

عورت کي اڄ عدالت پيش ڪيو ويندو، خبر موجب ريحانا جي تذليل وارو معاملو نئون رخ اتيار ڪري ويو آهي، ان ڏس ۾ انڪوائري دوران ڊي ايس پي سٽي خيرپور اشتياق آرائين سامهون عورت ريحانا بيان تبديل ڪندي چيو ته واقعي ۾ منهنجو مڙس ملوث آهي، منهنجي عاصم اسلامي سان دوستي هئي، جنهن سان گهران نڪري وئي هيس

مون کي واپس ڪرائي مڙس سرفراز اسلامي ساٿين سان گڏجي منهنجو مٿو ڪوڙي، سرين سان ڏنپ ڏنا، تشدد ڪري گهر ۾ واڙي ڇڏيو هو، هن ٻڌايو ته چئن ڀائرن انصاف، راشد، عاصم ۽ ڪاشف اغوا نه ڪيو هو،  انهن مون سان ڪجھه ناهي ڪيو، هن چيو ته منهنجي مڙس مون سان ظلم ڪيو آهي، ان کي گرفتار ڪيو وڃي

انڪوائري دوران ريحانا جو مڙس سرفراز اسلامي آفيس مان نڪري پوليس کان  فرار ٿي ويو، جڏهن ته عورت کي ڪوٽ لالو پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ريحانا اسلامي انڪوائري دوران چيو ته مون کي مڙس چيو ته جيڪڏهن ڄاڻايل ماڻهن خلاف بيان نه ڏنو ته تون کي قتل ڪندس، جنهن خوف سبب اهڙو بيان ڏنو آهي

ڪوٽ لالو پوليس ٻڌايو ته عورت ريحانا اسلامي مڙس خلاف بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، عورت کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ريحانا اسلامي الزام لڳايو هو ته ڪاشف، انصاف، عاصم ۽ راشد اغوا ڪري تشدد ڪري ڏنپ ڏئي مٿو ڪوڙي تذليل ڪئي آهي

Read Previous

پنجاب نواز شريف تي تنقيد برداشت نٿو ڪري سگهي: مريم جو بلاول کي جواب

Read Next

ملتان ۾ جاويد هاشمي جي گهر تي ڇاپو، ناٺي شاهد بهار هاشمي ۽ ڏهوٽو ملازمن سميت گرفتار

Most Popular