پنجاب نواز شريف تي تنقيد برداشت نٿو ڪري سگهي: مريم جو بلاول کي جواب

ن ليگ اڳواڻ مريم نواز پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ تنقيدي وار ڪيا آهن

لاهور ۾ پنهنجي تڪ اين اي 119 جي دوري دوران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ آيل هڪ شخص نوازشريف تي بار بار تنقيد ڪري رهيو آهي

هن چيو ته  پنجاب نواز شريف تي ڪا به تنقيد برداشت ڪري نه ٿو سگهي، چيو وڃي ٿو نوازشريف وٽ عوام لاءِ ڪو منشور نه آهي

مريم نواز چيو ته ٻڌايو وڃي ته جن 15 سالن تائين حڪومت ڪئي انهن ڪهڙا ڪم ڪرايا؟ جيڪڏهن نواز شريف وٽ منشور نه هجي ها ته کيس بار بار مينڊيٽ ڇو ملي ها

Read Previous

خيرپور ۾ نالي جي تعمير ۾ مبينا غير معياري ڪم ڪندڙ انجنيئر معطل

Read Next

تذليل معاملو: عورت بيان تان ڦري وئي، مڙس وار ڪوڙي تذليل ڪئي ۽ ڏنڀ ڏنا: ريحانا

Most Popular