پاڪستان جي سيڪيورٽي ايران لاءِ اهم آهي، دهشتگردن کي گڏجي شڪست ڏينداسين:ايراني پرڏيهي وزير

ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان امن ۽ محبت جو پيغام کڻي پاڪستان پهچي ويو

 پاڪستاني هم منصب جليل عباس جيلاني سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حسين امير عبدالهيان چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي عوام کي هڪ قوم سمجهون ٿا، پاڪستان جي سيڪيورٽي ايران لاءِ اهم آهي

ايراني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردن ايران کي به وڏو نقصان پهچايو آهي، دهشتگردن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جو موقعو نه ڏينداسين، دهشتگردي ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل چئلينج آهي، ايران ۽ پاڪستان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن کي ٽئين ملڪ جي مدد حاصل آهي، دهشتگردي کي گڏيل حڪمت عملي سان شڪست ڏيڻ جي ضرورت آهي

 جليل عباس جيلاني جي دعوت تي پاڪستان پهتل ايراني پرڏيهي وزير نگران وزيراعظم ۽ ٻي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو، هلندڙ مهيني ايران پاران پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي بعد ٻنهي ملڪن ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي

 پاڪستان پاران به ايران اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ اوڀر ايران ۾ هٿياربندن 9 پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪيو هو، ايران واقعي جي مذمت ڪندي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو

Read Previous

سپريم ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Read Next

چونڊن لاءِ پوري ملڪ ۾ 90 هزار 678 پولنگ اسٽيشنز، 2 لک 76402 پولنگ بوٿ قائم

Most Popular