چونڊن لاءِ پوري ملڪ ۾ 90 هزار 678 پولنگ اسٽيشنز، 2 لک 76402 پولنگ بوٿ قائم

اسلام آباد (م ڊ) عام چونڊون 2024ع لاءِ اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسڪيم جاري ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميش موجب چونڊن لاءِ ملڪ ۾ ڪل 90 هزار 678 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن

جن ۾ مردن لاءِ 25 هزار 320 ۽ عورتن لاءِ 23 هزار 950 پولنگ اسٽيشنز شامل آهن. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل سمري ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 41 هزار 405 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون، اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ 50 هزار 944 پولنگ اسٽيشنز هونديون جن ۾ مردن لاءِ 14 هزار 556 ۽ عورتن لاءِ 14 هزار 36 پولنگ اسٽيشنز شامل آهن،جڏهن ته 22 هزار 352 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون

سنڌ ۾ 19 هزار 6 پولنگ اسٽيشنز هونديون جن ۾ مردن لاءِ 4 هزار 439، عورتن لاءِ 3 هزار 308 ۽ 10 هزار 259 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون. ڪي پي ۾ 15هزار 697 پولنگ اسٽيشنز هونديون جن ۾ مردن لاءِ 4 هزار 814، عورتن لاءِ 4 هزار 289 ۽ 6 هزار 594 گڏيل پولنگ اسٽيشنز آهن، بلوچستان ۾ 5 هزار 28 پولنگ اسٽيشنز آهن جن ۾ مردن لاءِ 1511 ۽ عورتن لاءِ 1317، صوبي ۾ 2200 گڏيل پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن

اليڪشن ڪميشن موجب سڄي ملڪ ۾ 2 لک 76 هزار 402 پولنگ بوٿ هوندا جن ۾ مردن لاءِ هڪ لک 47 هزار 560، عورتن لاءِ هڪ لک 27 هزار 842 پولنگ بوٿ هوندا. پنجاب ۾ هڪ لک 49 هزار 434، سنڌ ۾ 65 هزار 5، ڪي پي ۾ 47هزار 81 ۽ بلوچستان ۾ 14 هزار 882 پولنگ بوٿ هوندا

Read Previous

پاڪستان جي سيڪيورٽي ايران لاءِ اهم آهي، دهشتگردن کي گڏجي شڪست ڏينداسين:ايراني پرڏيهي وزير

Read Next

سپريم ڪورٽ جو صحافين کي جاري ڪيل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو حڪم

Most Popular