سائيفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سزا ٻڌائي وئي

پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي کي سائيفر ڪيس ۾ 10-10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي

 سائفر ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابوالحسنات اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائيندي ٻنهي اڳواڻن کي سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي

 جج زباني طور مختصر فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ جو باني ۽ شاهه محمود قريشي فيصلو  ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هئا

 پي ٽي آءِ باني جو عدالت ۾ 342 جو بيان به ريڪارڊ ڪيو ويو، عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائيفر ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي خبر نه آهي

 سائيفر منهنجي آفيس ۾ هو، جج ابوالحسنات ٻنهي اڳواڻن کي چيو ته مون ڏانهن ڏسو، مان توهان کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌايان ٿو

 شاهه محمود قريشي پاران بيان ريڪارڊ ڪرڻ کاڻ اڳ ئي فيصلو ٻڌائڻ تي احتجاج ڪيو ويو

Read Previous

عدالتي فيصلو ڪارو داغ آهي، نيتن ياهو ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو

Read Next

پي ٽي آءِ طرفان سائيفر ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Most Popular