پي ٽي آءِ طرفان سائيفر ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئرسٽر گوهر خان پاران سائيفر ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري فيصلو ٻڌايو ويو

هن چيو ته هنن پي ٽي آءِ باني کي موت جي سزا ٻڌائڻ پئي چاهي پر عوام جي خوف کان ان سزا کي 10 سال قيد تائين محدود ڪيو ويو آهي، اسان جو ڌيان اليڪشن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 8 فيبروري تي سڀني جو احتساب ٿيندو

هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ همدرد صبر جو مظاهرو ڪندي پرامن احتجاج ڪن، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مان انصاف ملڻ جي اميد آهي

Read Previous

سائيفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سزا ٻڌائي وئي

Read Next

اسان کي تنقيد سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، اسان آئين ۽ قانون مطابق هلون ٿا: چيف جسٽس

Most Popular