ڪيترائي پراڻا سياسي رانديگر پهريون ڀيرو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊجي ويا

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪيترائي نوان چهرا عوامي خدمت جو جذبو کڻي پهريون ڀيرو اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا آهن.

سياسي جنگ ۾ مصروف مريم نواز جي آواز پهريون ڀيرو اسيمبلي ۾ گونجندي. اڳوڻو گورنر لطيف کوسو قانون جو ماهر آهي پر اهو به پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجيو آهي.

جوشيلي تقريرن سان مشهوري ماڻيندڙ ليگي اڳواڻ عطا تارڙ به پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جو حصو بڻجو آهي. پراڻو سياسي رانديگر عون چوڌري به پهريون ڀيرو اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻندو.

پنجاب اسيمبلي ۾ به پهريون ڀيرو ڪيترن ئي نون چهرن جي انٽري ٿيندي. تحريڪ انصاف جو شيخ امتياز ۽ علي امتياز وڙائچ پهريون ڀيرو ميمبر چونڊجيا آهن. حافظ فرحت عباس، فرخ جاويد مون ۽ مصباح واجد به پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊجيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جو خالد پرويز ۽ عرفان شفيع کوکر به پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجيو آهي. ايوان ۾ ايندڙ انهن نون چهرن جي سياسي جدوجهد ته ڪافي وقت جاري آهي پر ايوان ۾ پهريون ڀيرو عوامي نمائندگي جا خواب پورا ڪندي نظر ايندو.

Read Previous

عمران خان علي امين گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو

Read Next

شهباز شريف پي ٽي آءِ جي ڪامياب آزاد ميمبرن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

Most Popular