شهباز شريف پي ٽي آءِ جي ڪامياب آزاد ميمبرن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان شهباز شريف پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ڪامياب آزاد ميمبرن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ لاهور ۾ ليگي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن آزاد ميمبر حڪومت ٺاهي سگهن ٿا ته وڏي شوق سان ٺاهين، پي ٽي آءِ اسپانسرڊ آزاد ميمبرن جي ايوان ۾ اڪثريت ڏيکارين ته اسان اپوزيشن ۾ ويهي رهنداسين.

هن چيو ته 8 فيبروري جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. عام چونڊن کان اڳ مختلف خدشا سامهون اچي رهيا هئا، چيو پئي ويو ته موسم ٿڌو آهي، امن امان جي صورتحال خراب آهي. چيو پئي ويو ته چونڊون ان لاءِ نٿيون ٿي سگهن ته دهشتگردي آهي پر جڏهن سپريم ڪورٽ جو چونڊن جي حوالي سان فيصلو آيو ته سمورا خدشا دفن ٿي ويا.

مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته چونڊن واري ڏينهن سيڪيورٽي ادارن جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي. اليڪشن ڪميشن تي به تمام گهڻا الزام لڳايا ويا. چيو پئي ويو ته ڌانڌلي ۽ ليول پليئنگ فيلڊ اهڙي طرح جا الزام لڳايا پئي ويا، 2013 جي چونڊن ۾ 35 پنڪچر جو الزام ڪنهن لڳايو هو.؟

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون. خبرون کوٽڻ جو ڊرامو ڪيو ويو جيڪو سڀني جي سامهون آهي. 35 پنڪچر جو به حساب ٿي ويو سپريم ڪورٽ به چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿي آهي. شهباز شريف چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس کي ويهاريو ويو، 2018 ۾ 66 ڪلاڪن کان پوءِ رزلٽ اچڻ شروع ٿي ويا هئا، گذريل اليڪشن ۾ شهرن جا رزلٽ دير سان آيا پر ڳوٺن جا رزلٽ تڪڙا اچي ويا.

مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته 2018 ۾ خواجه سعد رفيق جي تڪ جي ري ڪائونٽنگ کي روڪيو ويو. ڌانڌلي جو سمورو عمل گذريل ڪيترين ئي چونڊن جي حوالي سان اوهان جي سامهون آهي. ڪهڙي اها اليڪشن آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا آهن؟ اسان چيف جسٽس جو ٿورو ادا ڪيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر به مبارڪباد جا مستحق آهن.

هن چيو ته خميس جي رات تي 12 سيڪڙو رزلٽ اچڻ تي هڪ پاسي کان گوڙ شروع ٿيو. 10 کان 12 سيڪڙو تي راءِ قائم ڪرڻ غير منطفي ۽ غير مناسب ڳالهه هئي، ڌانڌلي جا الزام لڳايا پئي ويا پر اسان جي سينئر اڳواڻن کي شڪست ملي آهي.

شهباز شريف چيو ته خواجه سعد رفيق وڏ ماڻهپي جو مظاهرو ڪندي اعتراف ڪندي پنهنجي شڪست کي مڃيو. فيصل آباد ۾ راڻا ثناءُالله کي شڪست ملي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي ته اسان جا سينئر اڳواڻ ڪيئن شڪست کائي ويا. هن چيو ته اسان جي ماڻهن جي درخواستن کي به عدالت رد ڪيو آهي. آزاد اميدوارن جا نمبر وڌيڪ آهن، سياسي پارٽين ۾ مسلم ليگ پهرين، پيپلز پارٽي ٻئين نمبر تي آهي. ايندڙ مرحلو شروع ٿيڻ وارو آهي. هاڻ سڄو پارليامينٽ وجود ۾ ايندو. جيڪڏهن آزاد اميدوار حڪومت ٺاهي سگهن ٿا ته شوق سان ٺاهين.

Read Previous

ڪيترائي پراڻا سياسي رانديگر پهريون ڀيرو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊجي ويا

Read Next

گولاڙچي ۾ هڪ ڏينهن اڳ شادي ڪيل گهوٽ ڪنوار جا لاش هٿ

Most Popular