پي ٽي آءِ جو وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم، ڪي پي ڪي ۾ جماعت اسلامي سان حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (مارڪيٽنگ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان ننڍين پارٽين سان ملي حڪومت ٺاهينداسين ۽ 99 سيڪڙو اميدوار اسان سان گڏ آهن. سينيٽر علي ظفر، ايڊووڪيٽ حامد خان ۽ عمير نيازي سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان جي ماڻهن کي 20 کان 25 ڪروڙ روپيه آفر ڏني پئي وڃي. پر اهي پارٽي سپورٽڊ اميدوار آهن انهن جي خريد ۽ وڪرو آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته اسان فري اينڊ فيئر چونڊن جي لاءِ ڪوششون ڪريون پر پهريان اسان جي اميدوارن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيو ۽ 5 ڏينهن جي اندر 3 سزائون ڏنيون ويون. عوام کي پيغام ڏنو ويو ته خان صاحب ڊگهي وقت جي لاءِ جيل وڃي چڪو آهي اوهان ڪنهن ٻئي پارٽي کي ووٽ ڏيو، پر اسان جي پارٽي کي نشان کان سواءِ ۽ اڳواڻن کي جيلن ۾ هجڻ جي باوجود عوام طرفان وڏو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي.

بيرسٽر گوهر چيو ته اسلام آباد جون 3 سيٽون کٽي چڪا آهيون، بلوچستان مان 4 سيٽون کٽيون آهن، پنجاب ۾ 115 سيٽون کٽي چڪا آهيون جڏهن ته سنڌ ۾ 16 ۽ ڪي پي ڪي ۾ 44 سيٽون کٽيون آهن ان ڪري عوام جي ووٽ جو احترام ڪيو وڃي. هن چيو ته عوام جي ووٽ جي ڳڻپ ڪريو جيڪي نتيجا آهن انهن کي تسليم ڪريو. هاڻ عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي. ڪي پي ڪي ۾ وڏي وزير جي لاءِ علي امين گنڊا پور کي نامزد ڪيو ويو آهي وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي نالن جو اعلان به جلد ڪنداسين.

Read Previous

گولاڙچي ۾ هڪ ڏينهن اڳ شادي ڪيل گهوٽ ڪنوار جا لاش هٿ

Read Next

نوازشريف کي اخلاقي طور وزيراعظم جو اميدوار نه هجڻ گهرجي: خورشيد شاهه

Most Popular