گولاڙچي ۾ هڪ ڏينهن اڳ شادي ڪيل گهوٽ ڪنوار جا لاش هٿ

بدين.(رپورٽر) بدين جي شهر گولاڙچي ۾ گهوٽ ڪنوار گهر اندر گئس سان ڪمرو ڀرجڻ سبب فوت ٿي ويا.

گولاڙچي شهر ۾ 28 ورهين جي گهوٽ عمران پٽ محمد ارشد گجر جيڪو چڪ نمبر 34 گولاڙچي جو رھواسي آهي ۽ هن وقت وارڊ نمبر 03 شهر گولاڙچي ۾ رهائش پذير آهي. جڏهن ته ڪنوار 25 ورهين جي ساديہ ڌيءَ شاهد گجر ڪراچيءَ جي رھواسي ٻڌائي وڃي ٿي. جن جي تاريخ 12/02/2024 تي 11:00 وڳي وليمون ٿيو هو ٻئي زال مڙس ماني کائي ستا هئا جيڪي اڄ صُبح دير تائين نه اٿڻ سبب سندن عزيزن مائٽن ڪمري جو دروازو کڙڪايو ته. اندران ڪو بہ جواب نہ ملڻ ڪري سندن مائٽن ڪمري جي دري کولي جهاتي پائي ڏٺو ۽ گهوٽ عمران کي سڏ ڪيا جنهن تي جواب نہ ملڻ ڪري مائٽن کي خوف ٿي پيو جنهن کان پوءِ انهن پنهنجي عزيزن کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ سندن مائٽن ٻنهي زال مڙسن کي دروازو ٽوڙي ڏٺو تہ ٻئي ڄڻا فوت ٿيل هئا.

فوت ٿيل زال مڙس جا لاش کڻائي تعلقہ اسپتال گولاڙچي آندا ويا آهن پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي مائٽن پاران ٻڌايو پيو وڃي تہ ڪمري جي اٽيج باٿ روم ۾ گئس لڳل هئي جيڪا ليڪ ٿيڻ ڪري ڪمري ۾ گئس ڀرجي پوڻ ڪري اهڙو واقعو پيش آيو آهي.

Read Previous

شهباز شريف پي ٽي آءِ جي ڪامياب آزاد ميمبرن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

Read Next

پي ٽي آءِ جو وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم، ڪي پي ڪي ۾ جماعت اسلامي سان حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو

Most Popular