مودي پاڪستان ايندو؟ فيصلو ڪير ڪندو؟ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌائي ڇڏيو

پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت پرڏيهي مبصرن جا ڪيترائي بيان حقيقت تي ٻڌل نه آهن، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جتي عوام کي اظهار راءِ جي آزادي آهي

ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ادارو سموري چونڊ عمل جي نگراني ڪري رهيو هو

دولت مشترڪه جي وفد به چونڊ عمل جي شفافيت جي ڳالهه ڪئي، چونڊن بابت ميڊيا جي رپورٽس تي اسان نه ڳالهائينداسين

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي نئين حڪومت جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ بابت سوال تي زهره بلوچ چيو ته اهو معاملو اڃا وقت کان اڳ آهي، ان بابت فيصلو نئين ايندڙ حڪومت ڪندي

هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ خطرن کان آگاهه آهيون، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي پاڪستان کي خدشا آهن، جڏهن به دهشتگردن بابت تصديق ٿيل اطلاع ملندا اسان ڪارروائي ڪنداسين

Read Previous

اين اي 15 مانسهره جي نتيجن خلاف نواز شريف جي درخواست رد

Read Next

جي ڊي اي  جو چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڄامشورو حيدرآباد موٽروي تي وڏو پاور شو

Most Popular