اين اي 15 مانسهره جي نتيجن خلاف نواز شريف جي درخواست رد

اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهره جي نتيجن خلاف نواز شريف جي درخواست رد ڪري ڇڏي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، اين اي 15 مانسهره جي رٽرننگ آفيسر پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ موجب قومي تڪ جو نتيجو فارم 45 تحت ٺاهيو ويو آهي

نواز شريف جو وڪيل دير سان پيش ٿيو ۽ درخواست رد نه ڪرڻ جي استدعا ڪئي، اليڪشن ڪميشن نواز شريف کي ٻيهر درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 اين اي 15 مانسهره تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار شهزاده گستاسب  نواز شريف کي شڪست ڏني آهي

Read Previous

سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف تڪن جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جاري آهي

Read Next

مودي پاڪستان ايندو؟ فيصلو ڪير ڪندو؟ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular