پي ٽي آءِ جي نون چونڊيل آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پنهنجي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، مجلس وحدت المسلمين ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس ۾ بيرسٽر گوهر، عمر ايوب، رئوف حسن، علامه راجا ناصر عباس ۽ چيئرمين سني اتحاد ڪائونسل صاحبزاده حامد رضا موجود هئا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو ته تحريڪ قومي اسيمبلي جون 180 سيٽون کٽي چڪي آهي. اسان جي آزاد اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو، اهي تحريڪ انصاف جا حمايت يافته اميدوار هئا. اسان پنهنجن اميدوارن کي ٽڪيٽ به جاري ڪيا هئا. اسان آزاد اميدوارن کي سپورٽ ڪيو ۽ اهي کٽي ويا.

هن اعلان ڪيو ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ آزاد اميدوارن کي 3 ڏينهن ۾ ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت ڪرڻي هوندي آهي. پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد نوان چونڊيل ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪندا.

هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويو آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته مخصوص سيٽون قانون موجب ڏنيون وڃن.

عمر ايوب چيو ته ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي. پشاور مان 7 کان 8 سيٽن تي ڊي سي ۽ پوليس آفيسرن ڌانڌلي ڪئي اسان جي ئي پارٽي حڪومت ٺاهيندي. پهريون ڪم پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي آزادي هوندي. شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي، عورتن ۽ ڪارڪنن جي آزادي اسان جو حدف هوندو.

Read Previous

تحريڪ انصاف لاءِ سرپرائيز، فيصل جاويد منظر عام تي اچي ويو

Read Next

ايراني نوجوان فائرنگ ڪري والد ۽ ڀاءُ سميت 12 ويجهن مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular